Nadeem akhtar 0

اسين تبديلي چاهيون ٿا

174 people have signed this petition. Add your name now!
Nadeem akhtar 0 Comments
174 people have signed. Add your voice!
1%
Maxine K. signed just now
Adam B. signed just now

هڪ سٺو ۽ بهترين حڪومتي نظام ئي عوام جي مسئلن جو حل ۽ خوشحاليءَ جو سبب هوندو آهي. سنڌ جو موجوده سياسي نظام مدي خارج ۽ ڀوتارڪي سوچ توڻي مفادن جو تحفظ ڪندڙ آهي، ان کي فقط ووٽ جي طاقت سان ئي تبديل ڪري سگهجي ٿو. اسين سمجهون ٿا ته ووٽ جي سگهه هڪ اهڙي نئين نظام جو بنياد ٿي سگهي ٿي، جتي ڪرپشن جو ڪاريهر وسيلن کي برباد نه ڪري سگهندو، جتي ڀينرن جي سرن تي پوتيون سلامت هونديون، جتي ڪي نوجوان بيروزگاري سبب پاڻ کي باهه جي شعلن حوالي نه ڪندا، جتي روڊ رستا محفوظ ۽ شهر توڙي ٻهراڙين ۾ سک ۽ امن جون هوائون گهلنديون.اسان کي يقين آهي ته اسان پنهنجي گڏيل سوچ، فهم ۽ عملي قدم سان هڪ اهڙي سنڌ جي اڏاوت ڪري سگهون ٿا، جيڪا ماءُ جي هنج وانگر آسودي ۽ خوشحال هجي

Share for Success

Comment

174

Signatures