Meva Ram Parmar 0

I am Not Dalit

24 people have signed this petition. Add your name now!
Meva Ram Parmar 0 Comments
24 people have signed. Add your voice!
3%
Maxine K. signed just now
Adam B. signed just now

دلت هڪ انسانيت تي ذلت آھي

مان انسان آھيان ۽ ڪو به انسان ٻي کان مٿانهون ناهي

دلت لعنت انڊيا جي نام نهاد مذھب جي منشين جي پيداوار جي پيداوار آھي جيڪا اڄ شيڊولڊ ڪاسٽ جي لعنتي شڪل ۾ هر هنڌ موجود آھي، ان ۾ ڪو شق ناهي اهو متڀيد انڊيا ناهي، اهو انڊيا کان علاوه دنيا جي ڪافي ملڪن ۾ متڀيد جو سلسلو جاري آھي پوء نالو کڻي ڪهڙو به ڏجي۔

لٿڙيل ماڻھن کي جيڪر ڪريل سمجهي ڪجه ڏنو وڃي ٿو ته خيرات هوندي مطلب بکايل ڪتي کي هڏي ماڻھن کي پنهنجا حق کپن هڏيون نه، مساوات کپي متڀيد نه

پاڪستان ۾ ان جو تاثر ضرور آھي پر تحريڪ جي گنجائش به آھي هن پليٽ فورم کي استعمال ڪرڻ کان علاوه ٻيو ڪو فورم تشڪيل ڏبو ته دنيا ليول تي ٽڪر ڪان ملندا جيترا هن نالي تي ملندا، هن تحريڪ ۾ اها صداقت هي به آھي امير هندو جو تعداد پنج کان ست لک آھي جڏھن ته غريب هندون جو تعداد چاليه لک جي لڳ ڀڳ آھي ته اڪثريت جي حساب سان نوي سيڪڙو غريبن جي هجڻ کپي جيڪا نه پئي ٿيئي امير پئسن تي سيٽون خريد ڪري سمورو فائدو حاصل ڪن ٿا ۽ غريب اتي جو اتي ان جو مطلب اهو به ناهي ته خيرات کپي بلڪه حق کپن سموريون جهوري پارٽيون سيٽون اميرن کي ڏين ٿيون تن جي آدمشماري ۾ پنج سيڪڙو به وڏي مشڪل آھي غريبن کي لوڪل باڊيز ۾ ڪا سيٽ ڏجي ٿي ته اختيار ناهن ڏنا ويندا، سو غريبن جي نمائندگي جي تحريڪ جو ساٿ ڏبو نڪين انسانيت ۽ مذهب ۾ متڀيد جي تحريڪ جو، دلت ذلت آھي تاريخ انجي گواه آھي۔ دلت سڏي قبر ۾ سڙيل مٽي بڻيل لاش ڪڍڻ جي ناڪام ڪوشش بند ڪجي ۽ غريبن ۾ احساس ڪمتري سان گڏوگڏ امير غريب جي تعليم وسيلي ختم ٿيندڙ لڪير کي وڌيڪ ڪاري نه ڪجي

هن پٽيشن سان اتفاق رکندڙ دوست صحيح ڪري پنهنجا رايا پيش ڪن ۽ سڀني دوستن کي آڳاه ڪن۔ مهرباني

بقلم: ميوارام پرمار

Facebook: fb.com/TheMRPofficial

Twitter: @TheMevaRam

Cell: 0092-300-8108302

0092-333-8204725

Share for Success

Comment

24

Signatures