Dalit Forum 0

فيض جي شاعريءَ کي باهه نه ڏيو !

Show your support by signing this petition now
Dalit Forum 0 Comments
0 people have signed. Add your voice!
0%

“ٻن ڳڀرو پٽن جي کنڀجي وڃڻ کان پوءِ مون فيض احمد فيض جي شاعري جا 9 ڪتاب ساڙي ڇڏيا، ڇاڪاڻ ته انهن ۾ ايم آر ڊي جي سنڌي شهيدن جو ڪو به ذڪر نه هو.” اها ڳالهه کنڀجي ويل نوجوانن جي پيءُ هڪ سيمينار ۾ ڪئي، اسين ان پيءُ جا جذبا سمجهي سگهون ٿا ۽ کنڀجي ويل جي وارثن جو درد پڻ محسوس ڪريون ٿا. ازل کان وٺي مظلومن جي ڀاري اڪثريت کان خوفزده اقليتي حڪمران طبقي “رياست” کي پنهنجي مفادن لاءِ هٿيار بڻائي مظلوم طبقن کي پيڙهيندو رهيو آهي. محڪومن لاءِ قانون جو ڄار پڻ وڇايو ويو آهي، جڏهن ته انهي قانون جي حيثيت حڪمران طبقن لاءِ ايئن آهي جيئن ڪنهن مست ڍڳي جي اڳيان ڪوريئڙي جو ڪو ڄار هجي پر اهو ساڳيو ڄار مظلومن لاءِ ڪنهن فولادي حصار کان گهٽ ناهي. جڏهن حڪمرانن جو ئي ٺاهيل قانون سندن مفادن لاءِ غير موثر ثابت ٿئي ٿو ته اهي وري رياست جي ئي مدد سان “ قانون کان مٿانهن قتلن ۽ جبري گمشدگين” ذريعي مظلوم ماڻهن تي جبر جي بازار گرم رکن ٿا. رياست طرفان ماڻهن کي کنڀي گم ڪرڻ جو سلسلو ڪا نئين ڳالهه ناهي. ميڊيا کان وٺي ملڪ جي اعليٰ عدالتن ۽ بين القوامي فورمن تي پڻ اهو مسئلو نمايان طور هاءِ لائيٽ ٿي چڪو آهي. اهو سوال پنهنجي جاءِ تي موجود آهي ته جيڪڏهن ڪو قانون جي نظر ۾ ڏوهاري پڻ آهي ته پوءِ سول عدالتون ۽ دهشتگردي لاءِ خاص عدالتن جي موجودگي ۾ آخر ڇو ماڻهن کي گم ڪيو وڃي ٿو ۽ عدالتن کان مٿانهان قتل ۽ مشڪوڪ مقابلا ٿين ٿا؟ نظرين ۽ خيالن تي پهرا ناهن لڳائي سگهبا ۽ نه ئي انهن کي سرحدن ۾ قيد ڪري سگهجي ٿو، اسان وٽ اظهار جي آزادي تي پابندي ماڻهن کي ٻين رستن ڏانهن مائل ڪيو ۽ ان جو ردعمل پڻ مثبت نٿو هجي. اها پڻ حقيقت آهي ته رياستي ادارن جا تفتيشي سيل هجن يا هٿياربند گروپن جا ٽارچر سيل، ٻنهي ۾ ڪو به فرق ناهي. انسانيت جي ٻنهي جاين تي تذليل ٿئي ٿي. کنڀجي ويل ماڻهن جي وارثن جو غم هجي يا مارجي ويل ڪنهن رياستي اداري جي اهلڪار جي وارثن جو غم، درد ته آخر درد ئي هوندو آهي. ٻنهي ڌرين مان مارجي ويل نوجوانن کي “شهيد” سڏيو ويندو آهي (سواءِ غير مسلم جي)، ٻنهي طرفن کان ٻه متضاد سوال پنهنجي جواب جي ڳولا ۾ هوندا آهن ته : مزاحمت ڪندي مارجي ويلن آخر رياستي رِٽ کي ڇو للڪاريو ۽ قانون هٿ ۾ ڇو کنيو؟ ته ٻئي طرف اهو سوال پڻ اڀرندو آهي ته رياستي اهلڪار، قومي ۽ بين القوامي حڪمران طبقن جي مفادن لاءِ ڇو ٿا استعمال ٿين ۽ مظلوم عوام تي ظلم ۽ ستم برپا ڪرڻ ۾ استحصالي قوتن جا ڀاڱي ڀائيوار ڇو ٿا ٿين؟ انهن ٻنهي سوالن جي پس منظر ۾ ٻن طبقن جي طويل ۽ پيچيده جنگ آهي، اسان انتهائي بري دور ۾ ساهه کڻي رهيا آهيون. حد ته اها آهي ته اسان وٽ هاڻ انسان جي زندگي جي ڪا به معنيٰ نه بچي آهي اسين پنهنجي توانائي ان ڳالهه ۾ لڳائي خوش ٿا ٿيون ته ڪهڙي به طرح اهو ثابت ڪجي ته انسان جي زندگي هاڻ مٿانهين ناهي رهي ۽ اها هاڻ بي معنيٰ ٿي چڪي آهي، اڳي اهو ڪم سرمائيدار طبقي عملي طور ثابت ڪري ڏيکاريو هو هاڻ وري اسان جا نظرياتي استاد انهي خير جي پرچار ۾ پورا آهن. ساحر لڌيانوي جون اهي سٽون ڪيڏي نه معنيٰ رکن ٿيون ته : فتح جي خوشي هجي يا هار جو سوڳ، زندگي لاشن تي روئي ٿي. انتهائي حواس باخته حالتن ۾ ماڻهو ڪجهه به ڪري وجهندو آهي هاڻ ته پورو معاشرو بي حواس بڻجي چڪو آهي. مظلوم ماڻهن طرفان فيض جي شاعريءَ کي هٿيار بنائڻ بدران ان کي ساڙڻ جهڙا واقعا ٿي رهيا آهن. فيض جي شاعري حڪمران طبقن کان ته ڪنهن به صورت ۾ هضم ٿي نٿي سگهي پر انتهائي جذبات جي عالم ۾ اها هاڻ مظلومن تي پڻ ناگوار گذري ٿي. بنگلاديش جي تحريڪ دوران پڻ فيض جي شاعري کي باهه جي شعلن حوالي ڪيو ويو ۽ ان پٺيان اهو منطق هو ته فيض احمد فيض، سويت يونين پاران لينن امن پرائز وٺڻ دوران سويت يونين جي حڪومت سان بنگالين جي حمايت ڪرڻ تي احتجاج ڪيو هو ۽ بنگالين جي نظر ۾ فيض بنگالين تي ظلم و ستم دوران مجرماڻي خاموشي اختيار ڪئي هئي. جيڪڏهن اها حقيقت پڻ آهي ته به مظلوم طبقن ۽ قومن پاران فيض جي شاعري سان اهو سلوڪ ڪرڻ واجب نه آهي. شاعري جيئن ته هڪ فن آهي ۽ شاعر هڪ فنڪار. پر اسان ڪڏهن به شاعر کي صرف هڪ فنڪار سمجهڻ جو سوچيو به ناهي، اسان کيس مرشد، امام ۽ نه ڄاڻ ٻين ڪيترن ئي تقديس جي غلافن ۾ نپوڙي رکندا آهيون. اسان ان جي فن کي دماغ ۾ جاءِ ڏيڻ جي بدران دل سان لائي پوءِ اکين تي رکندا آهيون ۽ باهوڙجي ڪڏهن ڪڏهن باهه به ڏئي ڇڏيندا آهيون. اسان انهن عظيم فنڪارن کي پنهنجي نظرياتي فُٽ اسڪيلن سان ماپيندا آهيون يا وري انهن جي مخصوص شاعراڻي پُورن سان ڀريل خيالن کي سڄي دنيا لاءِ راهِ مشعل سمجهندي ان ۾ پوري ڪائنات کي قيد ڪرڻ جي ٻاراڻي حماقت ڪندا آهيون. اسان عظيم شاعرن جي ڀيٽ دوران عوامي ٻوليءَ جو آزادي سان استعمال ڪندي ڪنهن هڪ کي آسمان تي چاڙهي ڇڏيندا آهيون ته وري ٻئي کي خاڪ ۾ ملائيندي به دير ناهيون ڪندا. فيض احمد فيض سان ڪنهن جا ڪيترائي ڀلي کڻي اختلاف ڇو نه هجن پر هڪ ڳالهه سڀني کي مڃڻي پوندي ته هن ڪڏهن به دانشوراڻي منافقت سان استحصالي طبقن جو پاسو ناهي کنيو. هن کلي طرح طبقاتي جنگ ۾ پورهيتن جو ساٿ ڏنو، هن جيڪا به راهه اختيار ڪئي ان تي خاموشي سان آخري دم تائين هلندو رهيو. اربابِ اختيار ڌرين جي حقارت ڀريل نظرن جو هو پڻ شڪار رهيو، هن مملڪتِ خداداد ۾ فيض ٻين سڀني اهلِ قلم کان وڌيڪ رياستي عقوبتون برداشت ڪيون ۽ فيض اهو واحد اهلِ قلم هو جنهن عملي جدوجهد ۾ پڻ حصو ورتو. فيض جي موت کان پوءِ کيس “رياست جو جديد قومي شاعر” بنائڻ جي ناڪام ڪوشش به ڪئي وئي پر حڪمرانن کي فيض جي پوري ڪلام ۾ ڪا هڪ به اهڙي مصرع نه ملي سگهي جيڪا اقتداري ايوانن جي شايان هجي. جيستائين فيض جو قومي استحصال تي خاموشي جو سوال آهي ته اسان جي نظر ۾ فيض قومي، لساني ۽ فرقيواريت سميت هر قسم جي جبر خلاف هو. فيض انقلابي شاعر هو هن هيٺئين طبقن جي درد کي انتهائي انقلابي انداز سان اعليٰ معيار جي فنڪارانه سٽن ۾ سمويو آهي. شاعر ڪي سياسي رهنما ناهن هوندا جو اسين کين هر سياسي يا سماجي مسئلي جو ذميوار ٺهرائي مٿس سنگ زني ڪريون. شاعر انتهائي حساس انسان هوندا آهن انهن جي معصوم ۽ مخلص جذبن کي باهه جي حوالي نه ڪرڻ گهرجي. اسان جي سنڌ ۾ پڻ صوفي شاهه عنايت شهيد جي حق پرست جدوجهد ۽ انقلابي قربانين ۽ باغي ڪردار کي ان وقت جي عظيم شاعرن اها ڀيٽا ناهي ڏني جيڪو ان جو حق هو، نه ئي ڪنهن ان کي پنهنجي ڪلام ۾ سورمو بڻايو ۽ نه ئي وري ان وقت جي شاعرن جي ڪلام ۾ ڪو سُر، شهيد عنايت شاهه جي نالي سان منسوب آهي. پوءِ ڇا اسين انهن عظيم صوفي شاعرن جي ڪلام سان به اها گستاخي ڪرڻ تي لهي اچون؟ شاعرن کي جڏهن اسان روحاني مرشد ۽ انقلابي امام جي بدران صرف ۽ صرف شاعر ئي سمجهنداسين ته اها ذهني انقلاب جي ابتدا هوندي. اسان الائي ڇو شاعرن کي انسان بدران مافوق الفطرت هستي سمجهي کين حرفِ آخر جو لقب ڏئي ڇڏيندا آهيون ۽ڪنهن کي پنهنجي نظرياتي دائري ۾ نه اچڻ سبب مٿس ولين جي فتويٰ صادر ڪندا آهيون. غالب جي فنڪارانه عظمت کان ڪير به انڪاري ناهي پر هن به مغل درٻار جي چائنٺ چمي پوءِ دوها وڪڻي دينار ورتا هئا. شاهه ۽ سچل پڻ پنهنجي ڪلام کي پاڻي ۾ اڇليو هو. جديد دور ۾ وڏي سنڌي شاعر اياز پڻ پنهنجي آخري وقت ۾ پنهنجي انقلابي شاعري کي عاق ڪيو هو ۽ ڪافي موقعن تي ڳائڻن کي پنهنجي انقلابي گيتن ڳائڻ کان سختي سان منع به ڪندو هو. انهن سڀني شاعرن جي ڪلام اها لازوال ابديت ماڻي ورتي آهي جو ان کي باهه ڏيڻ ۽ عاق ڪرڻ سان اهو ختم نٿو ٿي سگهي پوءِ کڻي ان جا پنهنجا تخليقڪار ئي کيس گهٽا ڇو نه ڏين پر اهو فن موت کي مات ڏئي چڪو هوندو آهي. فيض جي شاعري پڻ ساڳي ريت لازوال آهي. فيض جي شاعري کي باهه ڏيڻ اصل ۾ درد جي پڪار کي دٻائڻ آهي، ظلم و جبر جي شڪار ماڻهن هٿان جيڪڏهن انهن جا انقلابي هٿيار انهن جي هٿان ئي اهڙي ريت ضايع ڪيا وڃن ته پوءِ ان کي هڪ وڏو الميو چئي سگهجي ٿو. ڇو ته اسان هن وقت انتهائي ڪٺن آزمائش واري دور مان گذري رهيا آهيون ۽ اسان جو فرض ته آهي ته حقيقي انقلاب جي تمنا کي پنهنجي دل مان نيڪالي نه ڏيون. هردور مين هم، هر زماني مين هم زهر پيتئ رهئ گيت گاتئ رهئ جان ديتئ رهئ زندگي ڪيليئ ساعتِ وصل ڪي سرخوشي ڪيليئ جو بهي راسته چنا اس پر چلتي رهئ مال والئ حقارت سئ تڪتئ رهئ طعن ڪرتئ رهئ هاتهه ملتئ رهي هم نئ ان په کيا حرفِ حق سنگِ زن جن کي هيبيت سئ دنيا لرزتي رهِي جن په آنسو بهانئ والا کوئي نه تها اپني آنکهه ان ڪي غم مين برستي رهِي سب سئ اوجهل هوئي حاڪمِ حڪم په هم قيد خاني سهئ تازيانئ سهئ لوگ سنتئ رهئ سازِ دل کي صدا اپني نغمئ سلاخون سي چهنتئ رهئ خونچڪان دهر کا خونچڪان آئينه دکهه بهري خلق کا دکهه بهرا دل هين هم طبعِ شاعر هئ جنگاهِ عدل و ستم منصفِ خير و شر، حق و باطل هين هم

Share for Success

Comment

Signature

No signatures yet. Be the first one!